سنڌي واپاري

سنڌي واپاري

سنڌي واپاري

سنڌي واپاري (ڪتاب): هي ڪتاب ڪلارڊومارڪو وٽس جو تحرير ڪيل آهي، جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو حسين بادشاهه ڪيو آهي. هي ڪتاب مترجم، ورهاڱي وقت سياسي ۽ سماجي دٻاءُ هوندي به سنڌ ڌرتي نه ڇڏيندڙ، ڌرتي ڌڻين هندن جي نانءُ ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪُل نَو باب موجود آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي واپارين جو بخارا کان پاناما تائين واپار، 1947ع کان 1950ع تائين جو تذڪرو موجود آهي ۽ ڪتاب جي ابتداءِ ۾ ’تعارف‘ نالي سان عنوان ۾ ليکڪ سنڌي واپارين بابت لکيو آهي ته: ”سڄي دنيا ۾ پکڙيل ڏکڻ ايشيائي واپارين ۽ ڪاروباري ماڻهن ۾ سنڌي بيشڪ هر جاءِ تي موجود آهن، پر اهي مکيه سياحتي ماڳن سميت خاص واپاري مرڪزن ۾ پڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.“ پڪي جلد ۽ خوبصورت ٽائيٽل سان هي ڪتاب 388 صفحن تي مشتمل آهي، جيڪو 2005ع ڌاري روشني پبليڪيشن پاران شايع ٿيو. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ سنڌي واپاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو